گھنٽا گھرجيڪب آباد

گھنٽا گھرجيڪب آباد

گھنٽا گھرجيڪب آباد

گھنٽا گھرجيڪب آباد

جان جيڪب

جان جيڪب

انگلينڊ ۾ جان جيڪب جي ڄمڻ جو هنڌ

انگلينڊ ۾ جان جيڪب جي ڄمڻ جو هنڌ

جان جيڪب جو حيدرآباد وارو بنگلو

جان جيڪب جو حيدرآباد وارو بنگلو

جان جيڪب جو گھر ۽ ريزيڊينسي

جان جيڪب جو گھر ۽ ريزيڊينسي

جان جيڪب جو گھر ۽ ريزيڊينسي

جان جيڪب جو گھر ۽ ريزيڊينسي

ڪبوتر خانو

ڪبوتر خانو

پراڻي واٽرسپلا

پراڻي واٽرسپلا

جان جيڪب جي گھوڙي جي قبر نئين ۽ پراڻي

جان جيڪب جي گھوڙي جي قبر نئين ۽ پراڻي

جان جيڪب جي آخري آرام گاهه

جان جيڪب جي آخري آرام گاهه

جان جيڪب جون اڏاوتون

جان جيڪب جون اڏاوتون: غير ملڪي گورن مان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن مان ڪاموري، جان جيڪب جي سڃاڻپ ڪيترن ئي حوالن سان آهي، جيئن هڪ گهوڙي سوار، ڪامورو، فوجي، منتظم، هنرمند، مفڪر، سماجي ڪارڪن، منصوبه ساز، شڪاري، قدردان، وغيره هو. هن جون اڏايل يا استعمال هيٺ جيڪي جايون رهيون اهي هي آهن. (وڌيڪ ڏسو: جان جيڪب جيڪب جلد ٽيون).
انگلينڊ ۾ وڊلاونگٽن، سمرسيٽ، وِڪر جو قيام گاه، جتي جان جيڪب ڄائو، ان جاءِ جون ٻه تصويرون ملن ٿيون، پهرين ۾ جاءِ جي اڏاوت پراڻي نموني جي آهي. مکيه عمارت هڪ پست ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن جا ڇيڙا جنڊاوان ته آهن، پر ان جي ڇت ڊيگهه ڀر ٻن سلامين واري يا وچ تي مڙيل (Gambrel) آهي.

گهنٽا گهر: جيڪب آباد جي اهم ۽ نمايان عمارت. گهنٽا گهر اسان وٽ اڳئين دور جا گهڻو ڪري انگريز جي دور جا اهڃاڻ آهن، جنهن مان اهو به اشارو ملي ٿو ته انگريزن وٽ وقت جو قدر هو. انگريز دور جي هر گهنٽا گهر جو ڪو نه ڪو نالو به آهي ۽ گهڻو ڪري مکيه عمارت يا مارڪيٽ جي نشاندهي ڪن ٿا. جيڪب آباد جو گهنٽا گهر کي شايد وڪٽوريا ٽاور به سڏجي ٿو، پر آخرالذڪر جان جيڪب کان پوءِ 1887ع ۾ ٺهرايو ويو. مناري جو هيٺيون طبقو شايد ڪراس نما (واڌو جي نشان جهڙي) پٽ رٿا تي چئن متناسب پيش دالاتن / يا ڏيڍين جي صورت ۾ ٺهيل آهي. (تصوير ۾ هنن ڪمري نما ڏيڍين مان ٽي ڏسبيون آهن) هر ڏيڍي ۾ ٽن پاسن کان گاٿي ونگن وارا لنگهه آهن، جن جي مٿان ٻاهر تي وڌيل ڇاڄا آهن، جيڪي نالٻچن تي بيٺل آهن. ڇتيون سڌيون آهن، ڪنڊن تي جيڪي خوبصورت برجيون آهن سي ڏيڍين جي حاشين کان مٿي تائين نمايان آهن. برجين جي وچ ۾ ٻيڙ ٻني تي اڪريل ٽيڪو آهي. منارو ڏسڻ ۾ چار منزلو آهي، هر هيٺين منزل کان مٿين نسبت ۾ سوڙهي آهي، ان ڪري عمارت ٿورو ميلي شڪل جي آهي. پهرين ٻن منزلن کانپوءِ مٿان چئن مکيه پاسن تي نــنڍيون (Balconies) آهن. ٽين منزل تي گهڙيال نسب ٿيل آهي، جيڪو مناري جي چئني پاسن تي ڏسجي ٿو ۽ وقت ڏيکاريندو هو. هن گهڙيال واريءَ منزل جي مٿان چئني پاسي (سواءِ ماريل ڪنڊن جي) متڪن سان وڌاوڙا (Balconies)آهن. متڪن جي وچ ۾ اُڪريل ٽٻڪا آهن، انهن جي مٿان اڏاوت جي آخري منزل آهي، جنهن جي ڇٽي جهڙي صورت آهي ۽ ان ۾ ڇهه ونگدار کليل دريون آهن، جن جي مٿان هڪ نمايان ڇڄهري ۽ مٿان نيل سان گنبذ آهي. سٺ فوٽ اوچو هي گهنٽا گهر جان جيڪب پاران مقامي سرندي وارن جي چندي مان ٺهرايل هو. لڳ ڀڳ ساڳي اڏاوت جهڙي هڪ ٻي تصوير جيڪا پوءِ جي يا مرمت بعد نڪتل آهي، تصويرن ۾ انهن ٻنهي اڏاوتن جي ڪن مهانڊن ۾ ٿورو فرق نظر اچي ٿو.

جيڪب جو حيدرآباد وارو بنگلو: جيڪب صاحب پنهنجي رهائشگاهه لاءِ هڪ ٻه – منزلا بنگلو حيدرآباد ۾ به ٺهرايو هو. عمارت جي تصوير ۾ پرڀرو – شايد اتر ۾ - ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ پريان هڪ ٻي سادي اڏاوت ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، باقي آس پاس ۾ ميدان خالي آهن. هي عمارت خالي پٽ تي (بنا ڪنهن ٿلهي وغيره جي) ٺهيل هئي. تصوير مان اهو به ظاهر آهي ته تصوير نڪرڻ وقت بنگلو اڃا پوريءَ ريت رهائش جوڳو نه هو، ڇاڪاڻ ان ۾ در ۽ دريون وغيره به لڳل ڪو نه ٿيون ڏسجن- بهرحال جاءِ جي اڳيان هڪ ڏيڍي (Porch) آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اندر پيش دالان به هجي. ڏيڍي کي ٻه در / لنگهه ۽ اڳيان حاشي مٿان دري / جاري ٺهيل آهي. هيٺين منزل جي ڪمرن جي اڳيان ۽ پاسي کان ورانڊو ٺهيل ٿو ڀائنجي. عمارت جي هيٺين منزل جي ٻاهرين ڀت ۾ حاشي کان مٿي درين جي گنجائش رکيل آهي- جاءِ جي مٿين منزل تي وڃڻ لاءِ شايد ڇانيل ڏاڪڻين سان ٻه وڏا برج ٺهيل هئا. مٿي ٻن ڪمرن جي جاءِ آهي، جن مان هڪ چوڪور جي مٿان ڪنڊن تي سگهارا منڌرا گهاٽ تنهن جا چار ئي پاسا هوادار آهن. ان سان گڏ ٻي ڪمري جي اڳيان به سامهون کليل ڏيڍي آهي، جيڪا اڌ گول شڪل جي آهي. انهيءَ ڪمري جي مٿان ٻه بخاريءَ جهڙيون اڏاوتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، سڄو بنگلو پڪ سرو هو. هن جاءِ ۾ جيڪب سان گڏ سندس ننڍا عملدار (Lieut) به رهندا هئا.
جان جيڪب جو گهر ۽ ريزيڊينسي: تصوير ۾ ٻه شاندار عمارتون هميشه گڏ پئي نظر آيون آهن. ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ حيدرآباد ۾ آهن. هڪ جيڪا وڌيڪ چٽي ۽ اڳيان هجي ٿي، اندازو آهي ته اها شايد جيڪب صاحب جي گهر جي هئي، ڇاڪاڻ ته اها پاسي واري پوئين عمارت جي نسبت ننڍي هئي. سو تصوير ۾ پهرين عمارت ٻه – ماڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان جو هيٺيون حصو وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ لڪل ٿو ڀائنجي- عمارت جي مهاڙي جي وچ ۾ ٽي سوڙهيون ڪماني چوٽيءَ سان جاريون آهن- هي جاريون ڊيگهه ۾ پاسن وارين ٻن ٻن درين جي برابر آهن ۽ وري ڇيڙي واري هر دريءَ جي ٻنهي پاسي وچين جارين جهڙيون ۽ جيڏيون جاريون آهن. هنن درين ۽ جارين جي مٿان ڪافي وڌيل ڇاڄو آهي جيڪو هڪجهڙي ۽ هڪ جيڏن ٽالٻچن تي بيٺل آهي. ڇاڄي جي مٿان چوڪنڊن ڪنگرن وارو ٻيڙ ٻنو چوڌاري ڏنل آهي، جاءِ جي ڇت تي منظرگاهه جهڙي اڏاوت مهاڙي مٿان آهن. هن ۾ به مهاڙي وارين ٽن جارين جهڙيون جاريون وچ تي آهن، جن جي پاسن کان ڇهه ڇهه ڪنگرا آهن. هن جي ڇت به سڌي پر چوڌاري ڪنگرن سان سينگاريل آهي- هن سڄي عمارت جي ڇت سڌي آهي. ساڳي عنوان سان هڪ ٻي تصوير (پيٽنگ 1852) ۾. ٻئي عمارتون ساڳي بيهڪ سان ڏيکاريل آهي پر انهن مان مٿي بيان ڪيل عمارت جون ماپون ۽ مهانڊا مختلف آهن. ممڪن آهي ته پوئين تصوير اوائلي اڏاوتن جي هجي يا وري اها تصوير ٻئي رخ کان ڪڍي وئي.

تصوير ۾ ٻي عمارت گهڻي وڏي ۽ عاليشان نظر اچي ٿي. هن تي پينٽنگ واري تصوير ۾ مٿان جهنڊو لڳل ڏيکاريو ويو آهي، ان ڪري ان کي ريزيڊنسي جي عمارت سمجهي سگهجي ٿو. هي پيچيدي عمارت آهي، جنهن ۾ ڪيترا ڪمرا ۽ مختلف سطحن تي ڇتيون پر سڀ سڌيون ٺهيل ڏسجن ٿيون. هن عمارت جون دريون ۽ انهن جي پاسن واريون جاريون به اڳين ڀرواري عمارت جهڙيون آهن. هن عمارت جي مختلف سطحن تي ڇتين جا ڇاڄا به نالپچن تي بيٺل آهن ۽ ڇاڄن جي مٿان ڪنگرن سان ٻيڙ ٻنا به آهن. البت هن جا ڪنگرا ساڳين ماپن جا نه آهن. هي عمارت به ٻه- ماڙ ڀانئجي ٿي، جنهن جي هيٺين منزل تصويرن ۾ ڪافي حد تائين وڻڪار جي اوٽ ۾ آيل آهن.

ڪبوتر خانو: اڏاوت جو هي قسم انگلينڊ جي ڪن ٻين شاهي عمارتن ۾ به ٺهيل هوندو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ لاءِ بنهه نئون آهي- اڏاوت چوڪور تراش واري ٺلهه يا مناري نما ٿئي ٿي، جيڪا شهلي هوندي آهي. هن جو هيٺيون طبقو هڪ ڪمري جيان هو. تصوير ۾ هن جي ٻن پاسن کان دريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڪنهن پاسي ان ۾ دروازو يا لنگهه به هوندو. پر هڪ نئين تصوير ۾ اهو ڪمرو کليل لنگهن سان نظر اچي ٿو. هن جو ڪم وارو حصو يعني ڪبوترن لاءِ خانا ان ڪمري جي مٿان ٺهيل آهن- خانا چئني پاسن سان ستن طبقن ۾ ٺهيل آهي. هر هڪ طبقي جي هر پاسي نوَ خانا آهن، اهڙي ريت هر طبقي ۾ ڇٽيهه خانا ڪبوترن جي افزائش لاءِ ٺهيل آهن ۽ سڄي ڪبوتر خاني ۾ 252 (ٻه سو ٻاونجاهه) ڪبوترن جي لاءِ گنجائش موجود آهي. مناري جي مٿان ڪنڊن تي چار برجيون ٺهيل آهن، جيڪي پوءِ مرمت بعد سادن ٺلهن جي صورت ۾ ٺاهيون ويون آهن. ڪبوتر خاني جي اوچائي 30 فٽ ٻڌائي وئي آهي.

پراڻي واٽر سپلاءِ: هڪ تصوير ۾ پاسن کان اڏاوتن جي وچ تي لوهن کنڀن/ ٿنڀن ۽ واڏڪن جي لهه وچڙ سان هڪ آڏاڻي جي مٿان ٻه ٽينڪ ٺهيل آهن، هڪ جي ڇت مناهين يا تجري آهي، جڏهن ته ٻي جي ڇت مڙيل (Vagon Vauled) آهي.

جان جيڪب جي گهوڙي ’ميسينجر‘ جي قبر: هڪ تصوير ۾ جان جيڪب جي ’ميسينجر‘ نالي فوجي گهوڙي جي مٿان ٺهرايل قبر جي آهي. جيڪا جيڪب آباد ۾ آهي. هي چوپاسي اڏاوت سادي پر ميلي يا مخروطي(Fastigated) صورت جي آهي. ڏسڻ ۾ هن جا چار حصا آهن، سڀ کان هيٺيون حصو اڏاوت لاءِ ٿلهي جو ڪم ڏئي ٿو- جنهن جي هڪ پاسي تي سڃاڻپ واري عبارت لکيل آهي. Here lies Messenger, The Favourate charger of General John Jackob.

انهي ٿلهي جي مٿان ڊُول نما اڏاوت آهي، جنهن جو هيٺيون ٿورو حصو جيڪو مٿئين باقي حصي کان ٿورو ويڪرو آهي، سو تصوير ۾ ٿورو ڇانئر يا اونداهون ڏيکاريل آهي. انهيءَ جي مٿان اڏاوت جو سڀ کان اوچو حصو آهي، جنهن جي چوٽيءَ کي ٿورو ماٺي / ماري اتي گولي نمان انس ٺاهيو اٿن. ساڳي حوالي سان هڪ ٻي تصوير به ملي ٿي، پر اها املي تصوير کان ناقابل اعتبار حد تائين مختلف آهي- پر جي اها گهوڙي جي قبر آهي ته پوءِ ٻيهر ٺهرايل سمجهه ۾ اچي ٿي يا اها ڪا ٻي اڏاوت آهي.

هڪ لکت موجب جان جيڪب جي ٻئي هڪ گهوڙي جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جو نالو شايد BAGS هو- ان بابت ڄاڻ آهي ته ان جي قبر تنگواڻي ويجهو حيبت شهيد جي قبرستان ۾ واقع آهي- اها قبر هڪ ٿلهي تي گول گهيري سان آهي ۽ مٿي سوڙهي ٿئي ٿي پر چوٽيءَ وٽ سڌي آهي، گهيرو مٿي به گول اٿس. جان جيڪب جون پنهنجي گهوڙن جي مٿان اڏرايل قبرون، سنڌ ۾ مشهور ڪتي جي قبر واري روايتي ٺهيل قبر جو سلسلو به سمجهي سگهجن ٿيون.

جان جيڪب جي مزار: جان جيڪب جهڙي گهڻ- متي ۽ سجاري ٻاونگير شخص جي قبر جي تصوير ڏسي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها خود سندس چوڻ مطابق ٺهيل آهي، يا ڪنهن ٻئي، حقيقت پسند ماڻهوءَ جي صلاح سان، ڇاڪاڻ ته اها قبر جان جيڪب جي معقوليت پسندي تي دليل لڳي ٿي. قبر ٻن سگهارين ۽ سِجلين سلن سان ٺهيل آهي. هيٺين سل مٿين کان وڏي آهي، سا جهڙوڪر ٿلهي جو ڪم ڏئي ٿي.

ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي انچارج ڪمشنر هئڻ وارو عرصو: سال 57-1856ع ۾ ٿوري عرصي لاءِ سر چارلس نيپئر جي جاءِ تي جان جيڪب کي ڪراچيءَ جي پراڻي گورنمينٽ هائوس ۾ رهڻو پيو. تصوير ۾ ڪراچيءَ واري گورنمينٽ هائوس جي يڪسان عمارت جي اڏاوت ڏيکاريل آهي. هي ڊيگهه ڀر سڌي عمارت، جنهن جي ڪمرن جي اڳيان لڙيل ڇت سان لاڳيتو ورانڊو آهي، جيڪو ڇهه-ڪنڊن پيلپون جي وڏي تعداد تي ٺهيل آهي ۽ پيلپاون جي وچ ۾ مختلف نمونن جي شبڪن سان ٽيڪا آهن. ٿوري ٿوري مفاصلي تي ورانڊي مان هيٺ لهڻ لاءِ پنج پوڙيون آهن. هن عمارت جي وچ ڌاري اڳتي وڌيل پيلپاون تي بيٺل پيش دالان (Porch) آهي. ان جي مٿان به ٽيڪو يا سينا پناهه ٺهيل آهي- جان جيڪب انهيءَ عمارت جي مٿان هڪ اضافي اڏاوت ڪرائي جاءِ ۾ ٻي منزل ٺهرائي- اها اصلي عمارت جي وڌ ۾ وڌ ٽئين حصي تي هوندي. ڇت مناهين يعني ٻنهي پاسي لاڙئين اٿس ۽ هن جا ڇاڄا به ڪافي وڌيل آهن. پيش دالان انهيءَ اضافي اڏاوت جي سامهون وچ تي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو